ميرپور بٺورو ويجهو موٽر سائيڪل ۽ ڪار ۾ ٽڪر، موٽر سائيڪل سوار فوت

news

ميرپور بٺورو (رپورٽ:علي اڪبر بڪيرو) ميرپور بٺورو کورواهه روڊ کان ايندڙ موٽر سائيڪل سوار بائي پاس تان ايندڙ تيز رفتار ڪرولا ڪار جي ٽڪر لڳڻ سبب  مرڻينگ، ٿي پيو اسپتال منتقل ،

ميرپور بٺورو کورواهه روڊ کان موٽر سائيڪل سوار عبدالغفور جاڳو بائي پاس تي چڙهي رهيو هو ته سامهون ايندڙ اڇي ڪلر جي ڪرولا ڪار سان سندس موٽر سائيڪل ٽڪرائجي وئي.

جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان عبدالغفور جاڳو مرڻينگ ٿي پيو جنهن کي فوري طور تعلقه اسپتال بٺورو آندو ويو جتان فرسٽ ايڊ ڏيڻ  بعد کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جي اسپتال نيو پئي ويو ته زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ فوت ٿي ويو.

جڏهن ته ڪار ڊرائيور گولاڙچي جو رهواسي آهي پوليس ڪار ڊرائيور ظهير بنگالي ۽ ڪار کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، زخمي جوان ڳوٺ محمد خان جاڳو جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي.