ٽائون ڪميٽي راڄوخاناڻي جي انتظاميا پاران شهر ۾ ڪلورين جو اسپري ڪرايو ويو

news

راڄوخاناڻي (رپورٽ: جنيد مير ) ٽائون ڪميٽي راڄوخاناڻي جي انتظاميا پاران ڪرونا وائرس جي خطري کي مدئي نظر رکندي سڄي شهر ۾ ڪلورين جو اسپري ڪرايو ويو.

ان حوالي سان ڳالهائيندي ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين مير تاج ٽالپر ٽائون آفيسر عابدلطيف چيو ته ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي وبا جي خطري سبب اسان ٽائون ڪميٽي پاران ايمرجنسي طور سڄي عملي کي 24 ڪلاڪ الرٽ رهڻ جو هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

هنگامي بنيادن تي هر روز شهر جي مڪمل صفائي ڪرائي ويندي آهي ان سان گڏ اسان ڪائونسلر مير شهزاد ٽالپر ڪائونسلر ڊاڪٽر ونود ڪمار ۽ سماجي اڳواڻ امين نظاماڻي جي اڳواڻي ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهي آهي.

جن جي نگراني ۾ اڄ سڄي شهرن ۾ ڪلورين جو اسپري ڪرايو ويو آهي ۽ هفتي ۾ ٻه ڀيرا سڄي شهر ۾ ڪلورين جو اسپري ڪرايو ويندو ته جيئن راڄوخاناڻي واسين کي هن عالمي وبا کان وڌ کان وڌ محفوظ رکي سگهجي.

جلد ان ڪميٽي نگراني ۾ سڄي شهر ۾ ماسڪ ۽ صابڻ پڻ ورهايا ويندا.