مسجدن تي پابندي نٿا لڳائڻ چاهيون: عوام جي تحفظ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون: شاهه محمود قريشي

news

ملتان: (جمعو 27  مارچ 2020ع) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مسجدن تي پابندي ڪوبه نٿو لڳائڻ چاهي پر عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.

خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهيون ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ رابطا بهتر بنائڻ جي لاءِ قدم کنيا ويا. ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جي ذريعي صوبي ۽ مرڪز رابطا ۾ هوندا. جڏهن ته ڪالهوڪي اجلاس ۾ هيلٿ ورڪرز کي محفوظ ڪرڻ جي لاءِ فيصلا ڪيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته ڪورونا وائرس ٽيسٽ جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ مشينن جو آرڊر ڏنو آهي.

لاڪ ڊائون جي دوران سپلائي بحال رکڻ جي لاءِ به لاڳاپيل اختيارين کي هدايتون ڏنيون آهن. سڀ ملي اڳيان وڌي رهيا آهيون. ڪالهوڪي اجلاس ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير به شامل هئا. پرڏيهي وزير چيو ته سمورن علمائن ۽ صوبن اتفاق ڪيو آهي ته اجتماعن کان پاسو ڪيو وڃي. اتفاق ٿيو آهي ته مسجدن ۾ اجتماعن کي محدود ڪيو وڃي پر اجتماعن جي معاملي تي عوام کي ذهني طور تي قائل ڪرڻو پوندو. صرف نوٽِفڪيشن ڪڍڻ سان اجتماعن جو معاملو حل نه ٿيندو.

شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته مسجدن تي پابندي ڪوبه نٿو لڳائڻ چاهي. اسان عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن ٻڌايو ته ڪالهه مذهبي معاملن واري وزير ڏانهن سعودي اختيارين طرفان موڪليل خط پهتو آهي سعودي اختيارين خط ۾ چيو آهي ته حج بابت پنهنجي تيارين کي روڪي ڇڏيو. سعودي اختيارين چيو آهي ته حالتن جو جائزو وٺي رهيا آهيون.