لاڙڪاڻي اندر ستن ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق

news

لاڙڪاڻو(رپورٽ: ظهير ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ 7 ڄڻن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي وئي.

جڏهن ته شهيد محترم بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي آريجا ڪئمپس ۾ قائم ڪيل قرنطينه سينٽر ۾ ايران کان آيل 88 ڄڻن کي رکيو ويو هو ۽ سندن جا سيمپل وٺي ڪراچي اسپتال ڏانهن اماڻيا ويا هئا ۽ اهڙي رپورٽ اڄ جاري ڪئي وئي آهي. 

رپورٽ موجب 88 ڄڻن مان 7 ڄڻن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي جنهن بعد متاثر مريضن جو علاج شروع ڪيو ويو آهي جڏهن ته اهڙي تصديق ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو نعمان صديقي پاران ڪئي وئي آهي.

ياد رهي ته ڄاڻايل 88 ماڻهن جا سيمپل معياري نه هئڻ ڪري ڪراچي جي انڊس اسپتال رد ڪيا هئا جنهن بعد ٻيهر انهن جا سيمپل وٺي اماڻيا ويا هئا جن مان 7 ڄڻن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي.