news
لاھور

لاهور: ميو اسپتال ۾ ڪورونا جي بزرگ مريض تڙپي تڙپي زندگي جي جنگ هارائي ويو

لاهور: لاهور جي ميو اسپتال ۾ ڪورونا وائرس سان متاثر مريض بي يارو مددگار پيو رهيو ۽ دانهون ڪوڪون ڪندي زندگي جي جنگ هارائي ويو.

ميو اسپتال جي ڪورونا وارڊ ۾ 73 سالن جي مريض جي طبعيت بگڙي ته عملي آڪسيجن يا دوا ڏيڻ بدران ان کي بيڊ سان ٻڌي ڇڏيو، جنهن تي مريض دانهون ڪوڪون ڪندو رهيو.

خصوصي طور ٺاهيل ڪورونا وارڊ ۾ نه ڪو ڊاڪٽر هو، نه نرس ۽ نه ئي عملي جو ڪو ٻيو ميمبر، مريض مدد جي لاءِ سڏيندو رهيو پر ڪو به ان کي ڏسڻ نه آيو.

ان دوران بزرگ مريض پنهنجي اٽڪندڙ ساهه کي وڌيڪ دير تائين جاري رکي نه سگهيو ۽ آخرڪار تڙپي تڙپي مري ويو.

آئسوليشن وارڊ ۾ علاج هيٺ هڪ ٻئي مريض ٻڌايو ته ان کي ڪجهه به کائڻ لاءِ نٿو ڏنو وڃي ۽ نه ئي دوا ڏني وڃي ٿي، ڪير چيڪ ڪرڻ به نٿو اچي.

ٻئي طرف ڪورونا وارڊ ۾ مرندڙ مريض جي حوالي سان چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر اسد اسلم دعويٰ ڪئي آهي ته ان جي موت دل جي دورو پوڻ سبب ٿي آهي.

ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڪورونا وارڊ ۾ عملي طور ميو اسپتال سميت ڪنهن به سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽرز، نرسز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي لاءِ ڪا به حفاظتي ڪٽس ناهي.

هوڏانهن ميو اسپتال ۾ حفاظتي ڪٽ جي بغير ڊيوٽي کان انڪار ڪندڙ سينيئر رجسٽرار ڊاڪٽر شهريار آفريدي جي خلاف اسپتال انتظاميا ضابطي جي ڪارروائي شروع ڪري ڏني آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته لاهور جي سڀني سرڪاري اسپتالن ۾ ڪورونا وائرس جي علاج لاءِ سهولتن جو فقدان آهي ۽ مريضن کي آڻي لاوارث ڇڏي ڏنو آهي.