ڪورونا: ايڌي سرد خانا، ميت غسل خانا عارضي طور تي بند ڪرڻ جو اعلان

news

ڪراچي: ڪورونا وائرس جي خدشي جي پيش نظر ايڌي فائونڊيشن ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ سرد خانا ۽ ميت غسل خانا عارضي طور تي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ايڌي فائونڊيشن چيو آهي ته ڪرونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ لاءِ سرد خانا ۽ ميت غسل خانا عارضي طور تي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اعلان ۾ چيو ويو آهي ته سرد خانا ۽ ميت غسل خانا بند ڪرڻ جي فيصلي تي عوام کان تعاون جي اپيل آهي.