news
گلگت

گلگت بلتستان ۾ ڪورونا جا وڌيڪ سورنهن ڪيسز سامهون اچي ويا

گلگت: گلگت بلتستان ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 16 ڪيسز سامهون آيا آهن، جنهن کانپوءِ علائقي ۾ موذي وائرس سان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 103 ٿي ويو آهي.

ترجمان گلگت بلتستان حڪومت فيض الله فراق چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي ڦهلجڻ جي خدشي جي پيش نظر عوام لاڪ ڊائون تي سنجيدگي سان عمل ڪري ۽ پنهنجن گهرن ۾ رهي.

ترجمان چيو ته گلگت بلتستان ۾ ڪورونا وائرس جي تيزي سان ڦهلجڻ تي ڳڻتي آهي. جڏهن ته گلگت بلتستان حڪومت ڪورونا جي سدباب لاءِ بهترين قدم کڻي رهي آهي.