پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سان نَوَ فوتگيون، تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ ٻارنهن سئو اٺانوي ٿي ويو

news

ڪراچي: پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سان فوتگين جو انگ 9 ٿي ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ ڪيسز سامهون اچڻ کانپوءِ انگ 1298 تائين پهچي ويو آهي.

ملڪ ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس سان مجموعي طور 9 فوتگيون ٿيون آهن، جن مان پنجاب ۾ 3، خيبرپختونخوا ۾ 3 جڏهن ته سنڌ، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ هڪ، هڪ فوتگي ٿي آهي.

پنجاب ۾ اربع ۽ خميس جي ڏينهن هڪ ٻئي پٺيان هڪ، هڪ فوتگي رپورٽ ٿي، جتي اربع جي ڏينهن راولپنڊي ۾ ٻاهرين ملڪ مان ايندڙ عورت لاڏاڻو ڪري وئي، جڏهن ته خميس تي لاهور ۾ ڪورونا سان هڪ فوتگي رپورٽ ٿي آهي، جيڪا هن وقت تائين شهر ۾ وائرس سان ٻي فوتگي آهي.

پاڪستان ۾ موذي وائرس سان هن وقت تائين 25 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن، جن مان 14 جو تعلق سنڌ، 6 جو گلگت بلتستان، 2 اسلام آباد، 2 جو خيبرپختونخوا ۽ هڪ جو پنجاب سان آهي.

ملڪ ۾ ڪورونا جي اڄ جي صورتحال

اڄ جمعي ڏينهن پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 104 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. جن مان سنڌ ۾ 19، اسلام آباد ۾ 2، پنجاب ۾ 14 ڪيسز، خيبرپختونخوا ۾ 53 ۽ گلگت بلتستان ۾ 16 ڪيسز سامهون آيا آهن.

سنڌ

سنڌ ۾ اڄ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 19 ڪيسز سامهون آيا آهن، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ مجموعي طور ڪيسز جو انگ 440 ٿي ويو آهي، جنهن جي تصديق صحت کاتي جي طرفان ڪئي وئي آهي.

صحت کاتي موجب 11 نوان ڪيسز ڪراچي ۾ سامهون آيا آهن، جيڪي لوڪل ٽرانسميشن جا آهن ۽ حيدرآباد ۾ لوڪل ٽرانسميشن جو هڪ ڪيس سامهون آيو آهي، جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ ايران کان آيل 7 زائرين ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي.

صحت کاتي موجب ڪراچي ۾ نون ڪيسز کانپوءِ شهر ۾ ڪيسز جو ڪل انگ 164 ٿي ويو آهي، جڏهن ته حيدرآباد ۾ 3 ڪيسز ٿي چڪا آهن.

صحت کاتي موجب سکر ۾ ڪورونا وائرس ۾ متبلا زائرين جو انگ 265 ۽ لاڙڪاڻي ۾ 7 آهن.

صحت کاتي موجب سنڌ ۾ ايستائين 14 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، جن مان 13 جو تعلق ڪراچي ۽ هڪ جو حيدرآباد سان آهي، جڏهن ته هن وقت تائين سنڌ ۾ هڪ فوتگي ٿي چڪي آهي.

پنجاب

اڄ پنجاب ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جا 14 نوان ڪيسز سامهون اچ چڪا آهن، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ ڪيسز جو مجموعي انگ 419 ٿي ويو آهي، جنهن جي تصديق صوبائي صحت کاتي جي طرفان ڪئي وئي آهي.

پنجاب جي صحت کاتي ٽوئٽر جي ذريعي ٻڌايو ته لاهور ۾ 104، گجرات ۾ 22، گوجرانوالا ۾ 8، جهلم ۾ 19، راولپنڊي ۾ 14، ملتان ۾ 3، فيصل آباد ۾ 5، منڊي بهائو الدين ۾ 3، ميانوالي ۾ 2، ڊي جي خان ۾ 207 ۽ 5 زائرين، جڏهن ته نارووال، رحيم يار خان، سرگوڌا، اٽڪ ۽ بهاول نگر ۾ هڪ، هڪ ڪيس آهن.

پنجاب ۾ ڪورونا وائرس سان ايستائين 3 مريض فوت ٿي چڪا آهن، جن مان هڪ مريض راولپنڊي ۽ 2 لاهور ۾ فوت ٿيا.

پنجاب ۾ پهرين مريض صحتياب

ڪورونا وائرس جي حوالي سان ڏکڻ پنجاب ۾ پهرين سٺي خبر سامهون آئي آهي، جتي مظفر ڳڙهه جي رجب طيب اردگان اسپتال ۾ علاج هيٺ ڪورونا وائرس سان متاثر پهرين عورت صحتياب ٿي، جنهن کي گهر منتقل ڪيو ويو آهي.

خيبرپختونخوا

خيبرپختونخوا ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 53 ڪيسز سامهون آيا، جنهن جي تصديق صوبائي ترجمان اجمل وزير پريس ڪانفرنس ۾ ڪئي.

اجمل وزير ٻڌايو ته صوبي ۾ وائرس جا تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 176 ٿي ويو آهي، جڏهن ته صوبي ۾ ايستائين فوتگين جو انگ 3 آهي.

واضح رهي ته ڪي پي ڪي ۾ خميس جي ڏينهن ڪورونا وائرس جا 2 مريض صحتياب ٿيا، جن کي اسپتال مان فارغ ڪيو ويو.

اسلام آباد

جمعي جي ڏينهن سرڪاري پورٽل تي اسلام آباد ۾ وڌيڪ 2 ڪيسز رپورٽ ٿيا، جنهن کانپوءِ وفاقي گادي واري هنڌ مجموعي ڪيسز جو انگ 27 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ضلعي انتظاميا جي طرفان ان ڪيسز جي ڪا تصديق سامهون ناهي آئي.

بلوچستان

بلوچستان ۾ اڄ ايستائين ڪورونا وائرس جو ڪو به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو.

خميس تي صوبي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 12 ڪيسز سامهون آيا، جنهن کانپوءِ تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 131 ٿي ويو آهي، جنهن جي تصديق صوبائي حڪومت جو ترجمان جي طرفان ڪئي وئي آهي.

گلگت بلتستان

گلگت بلتستان ۾ جمعي جي ڏينهن ڪورونا جا وڌيڪ 16 ڪيسز سامهون آيا آهن. گلگت بلتستان جي سڌ سماءَ واري خاص صلاحڪار موجب گلگت ۾ ڪورونا سان متاثر ماڻهن جو انگ 103 ٿي ويو آهي.

آزاد ڪشمير

خميس جي ڏينهن ميرپور آزاد ڪشمير ۾ هڪ ٻئي مريض ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي، جنهن کانپوءِ آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 2 ٿي ويو آهي.

ڊپٽي ڪمشنر طاهر ممتاز موجب 37 سالن جو متاثر مريض 17 مارچ تي برطانيا کان آيو هو ۽ ان کي ٻه ڏينهن اڳ قرنطينه ۾ منتقل ڪيو ويو هو.