سعودي عرب رياض مٿان ٿيندڙ حملي کي ناڪام بنائي ڇڏيو

news

رياض: (آچر 29 مارچ 2020ع)  سعودي فوجي اتحاد طرفان سعودي جي گادي واري شهر رياض مٿان ميزائل حملو ناڪام بنائي ڇڏيو آهي.

سرڪاري ميڊيا موجب سعودي جي گادي واري شهر رياض مٿان بيلسٽڪ ميزائل کي اڏام دوران ئي تباهه ڪري ڇڏيو .

جڏهن ته ڪنهن به قسم جي نقصان جي اطلاع ناهي ملي. سرڪاري ميڊيا وڌيڪ چيو آهي ته فوري طور تي ڪنهن به حملي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي.

ان حوالي سان پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي ٻڌايو آهي ته رياض ۾ 3 ڌماڪا ٻڌا ويا آهن پر سرڪاري طور تي ان  ڌماڪن جي تصديق ناهي ٿي سگهي.