اسان ڪورونا وائرس جي خلاف همت نه هارينداسين: براوو نئون گيت تيار ڪري ورتو

news

ڪنگسٽن: (آچر 29 مارچ 2020ع)  ويسٽ انڊيز جي رانديگر ڊيوائن براوو ڪورونا جي خلاف جنگ ۾ نئون گيت متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن جا ٻول آهن ته(اسان ڪورونا وائرس جي خلاف همت نه هارينداسين) هي گيت سوشل ميديا تي فوري طور تي مشهور ٿي چڪو آهي

هن رٽائرمينٽ جو فيصلو واپس وٺي ٽي ٽوئنٽي 20 ڪرڪيٽ ٻيهر شروع ڪئي آهي. براوو راند سان گڏ گلوڪاري جي ميدانن ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي چڪو آهي.

هن نئين گيت کي سڄي دنيا ۾ موذي وائرس جي متاثر ماڻهن جي نالي ڪندي وائرس جي خلاف وڙهڻ جو عزم ظاهر ڪيو. براوو عوام کي سموريون ضروري احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ تي به زور ڏنو آهي.