حرا ماني ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل سميت پوليس ۽ رينجرز جي جوانن کي سلام پيش ڪري ڇڏيو

news

ڪراچي:(آچر 29 مارچ 2020ع) پاڪستاني اداڪاره حرا ماني ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي ڪوشش ڪندڙ ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل سميت پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن کي سلام پيش ڪري ڇڏيو آهي.

ڊرامن جي اداڪاره حر اماني پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن چيو آهي ته مان دل جي گهرائين سان سلام پيش ڪريان ٿي

سمورن ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل، پوليس ۽ رينجرز جي جوانن کي جيڪي هن مشڪل وقت ۾ عوام سان گڏ آهن ۽ سندن مدد ڪري رهيا آهن.