سنڌ حڪومت خانگي ادارن کي ايڪٽيهه مارچ تائين پگهارون ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

news

ڪراچي: (سومر 30 مارچ 2020ع) سنڌ حڪومت سنڌ پيمنٽ ايڪٽ تحت سمورن خانگي ادارن ۽ فيڪٽرين کي 31 مارچ تائين سمورن ملازمن کي پگهارون ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

پگهارون 31 مارچ تائين ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن تحت ادارا ڊيلي ويجز، ڪانٽرڪيٽ ۽ مستقل ملازمن کي پگهارون ڏيڻ جا پابند هوندا. نوٽيفڪيشن موجب پگهارن جي معاملن لاءِ سيسي جو ايمرجنسي سيل به بنايو ويو آهي. ادارا يا ملازم پگهارن بابت مسئلن جي فوري حل لاءِ ايمرجنسي سيل سان رابطو ڪن.

نوٽيفڪيشن  سعيد غني جي هدايتن تي سيڪريٽري طرفان جاري ڪيو ويو. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه صوبي ۾ روزاني ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ خاندانن کي راشن يا روڪ رقم ذريعي مدد ڪرڻ جي هدايت به ڪري ڇڏي آهي. گذريل ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا ايمرجنسي فنڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن، قانون بابت صلاحڪار ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران سيد مراد علي شاهه چيو ته 2017 جي مردم شماري جي حساب سان سنڌ ۾ پنج ڪروڙ  آبادي آهي جڏهن ته صوبي ۾ هڪ ڪروڙ کان هڪ ڪروڙ 40 لک خاندان روزاني ڏهاڙي تي گذارو ڪندا آهن. هن چيو ته اسان ست ماڻهن جي حساب سان حساب لڳايو آهي. منهنجي دل تي وزن آهي ته هن غريب ماڻهن جي مدد ڪئي وڃي.

هن چيو ته اصل حقدار خاندانن جي ڪهڙي طرح مدد ڪئي وڃي ان تي غور ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اسان اهڙو پليٽ فارم ٺاهي رهيا آهيون جنهن ذريعي روزاني ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ تائين راشن يا ٻئي ڪا مدد پهچائي سگهجي.