چين مان طبي سامان سان ڀريل پنجون جهاز ڪراچي پهچي ويو

news

ڪراچي: (سومر 30 مارچ 2020ع) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جهڙي خطرناڪ وبا تي قابو ڪرڻ لاءِ پاڙيسري ملڪ چين جي حڪومت طرفان لاڳيتو طبي سامان جي شڪل ۾ امداد موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي.

چين جي وائي ٽي او ڪارگو ايئرلائين جي اڏام وائي جي 9067 اڄ صبح 9 لڳي 25 منٽن تي ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي امدادي سامان سان گڏ لٿي. پاڪستان ۾ موذي ڪورونا وائرس تي قابو ڪرڻ لاءِ چين سان مان مسلسل طبي سامان موڪليو پيو وڃي ۽ اڄ چين جي ڪن منگ ايئرپورٽ تان ٽيسٽنگ ڪٽس، ماسڪ ۽ ٻيو طبي سامان کڻي پنجون ڪارگو جهاز ڪراچي پهچي ويو آهي.

سول ايوي ايشن ذريعن موجب 8 ڏينهن ۾ چين مان طبي امدادي سامان کڻي ايندڙ هي پنجون ڪارگو هوائي جهاز آهي. امدادي سامان کڻي اهوئي ڪارگو جهاز 23، 25، 27 ۽ 29 مارچ تي به ڪراچي پهتو هو.

27 مارچ تي طبي سامان آڻيندڙ چيني جهاز جو سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل استقبال ڪيو هو.

واضح رهي ته چيني حڪومت هينئر تائين ڪيترائي لک ڪورونا ٽيسٽ ڪٽس، اين 95 ماسڪ ۽ ٻيو طبي سامان ڪراچي موڪلي چڪي آهي.