مشهور جاپاني اداڪار ڪين شيمورا ڪورونا وائرس سبب فوت

news

لاهور: (سومر 30 مارچ 2020ع)  ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا ۾ شاهي خاندانن کان وٺي ڊاڪٽرن، شوبز سان لاڳاپيل مشهور شخصيتن کي به متاثر ڪري رهيو آهي ۽ هاڻ اهي خبرون آهن ته ڪيترن ئي سالن کان جاپاني ٽيليويزن اسڪرين جي ذريعي ماڻهن جي چهرن تي خوشيون پکيڙيندڙ مزاحيه اداڪار ڪين شيمورا ڪورونا وائرس سبب حياتي وڃائي ويٺو.

ڪجهه ڏينهن اڳ هن پنهنجي پهرين فيچر فلم به سائن ڪئي هئي جنهن ۾ ان جو مُک ڪردار هو. جاپاني ميڊيا موجب 70 ساله اداڪار ڪين شيمورا جي موت جو سبب ڪورونا وائرس بڻيو.

ڪين شيمورا 20 مارچ تي تيز بخار ۽ نمونيا سبب ٽوڪيو جي اسپتال ۾ داخل هو. جتي ان جي ڪورونا وائرس جا ٽيسٽ مثبت اچڻ جي تصديق ڪئي وئي هئي.

شيمورا جاپاني انٽرٽينمينٽ انڊسٽري جي پهرين شخصيت آهي جنهن جي فوتگي ڪورونا وائرس سبب ٿي آهي.