روس پاران ڪورونا ويڪسين تيار ڪرڻ جي دعويٰ

news

ماسڪو: (سومر 30 مارچ 2020ع) روس ڪروونا وائرس جي ويڪسين تيار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي.

روس جي فيڊرل بائيو ميڊيڪل ايجنسي جي پريس مرڪز ۾ شايع ڪيل  بيان موجب  ڪورونا وائرس جي علاج ۾ ميفلوڪين نالي دوا جو استعمال ڪيو ويندو.

هي دوا مختلف شدتن جي ڪورونا وائرس جي خاتمي لاءِ بهتر ثابت ٿيندي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ميفلوڪين پنهنجي مضبوط مدافعتي اثرن سبب وائرس جي نتيجي ۾ التهاب ۽ ورم جي رد عمل ۾ به فائديمند ثابت ٿئي ٿي.