ٽوڪيو گيمز: انٽرنيشنل اولمپڪ ڪميٽي ۽ آرگنائيزرن مختلف آپشنن تي غور شروع ڪري ڇڏيو

news

ٽوڪيو: (سومر 30 مارچ 2020ع)  ٽوڪيو گيمز ۾ ميڊلز جي ڊوڙ ايندڙ سال جولاءِ ۾ ئي ري شيڊول ٿيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته انٽرنيشنل اولمپڪ ڪميٽي ۽ آرگنائيزرن مختلف آپشنن تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ٽوڪيو اولمپڪس جي آرگنائيزرن ايندڙ سال جولاءِ ۾ ئي ملتوي ٿيل گيمز کي ري شيڊول ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا. جاپان جي سرڪاري ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ ۽ تيارين جي لاءِ وقت گهربل آهي.

اهڙي ۾ ئي گيمز 23 جولاءِ 2021 تي شيڊول ٿي سگهن ٿا. اها وضاحت ٽوڪيو جي گورنر ريويڪو ڪويلگ طرفان گيمز کي ٿڌي موسم ۾ منعقد ڪرڻ جي تجويز کان پوءِ سامهون آئي.

گورنر چيو ته جيڪڏهن گهٽ گرم موسم ۾ ايونٽ منعقد ڪري سگهجي ٿو ته ميراٿنز ۽ ٻيون ريسون به ناردرن ساپوروسٽ  جي بجاءِ ٽوڪيو ۾ ئي منعقد ٿي سگهن ٿا.

ياد رهي ته انٽرنيشنل اولمپڪ ڪميٽي ٽوڪيو ۾ امڪاني گرمي سبب هلندڙ سال گيمن لاءِ ميراٿن ۽ ٻيون ريسون ساپورو منتقل ڪري ڇڏيون هيون.