مبارڪپور ۾ گذريل هفتي اندر چورين جون وارداتون وڌي ويون

news

مبارڪپور: مبارڪپور ۾ گذريل هفتي اندر چورين جون وارداتون وڌي ويون آهن.

گذريل رات مبارڪپور ٿاڻي حد ڳوٺ شاهنواز بروهي ۾  نامعلوم چور پورهيت قاسم بليدي جي هڪ ڀلوڙ مينهن ڪاهي فرار ٿي ويا آهن، جنهن جو پيرو ڳوٺ اڳيان ئي ڀاڳيا وڃائي موٽي آيا.

واضح رهي ته هفتي اندر چورين جو تعداد 8 ٿي ويو آهي اهڙي صورت ۾ پوليس مختلف ڳوٺن تي چڙھائي ڪري شڪ جي بنياد تي 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو آھي.

آخري اطلائن تائين اهڙي واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آھي.

هوڏانهن ڳوٺاڻا جاڳي ڪري راتيون ڪاٽڻ لڳا.