ڳوٺ جادو پتافي جو پندرنهن سالن جو نوجوان اختر علي پتافي لاپتا، پوليس اطلاع باوجود ڪک ڀڃي ٻيڻو به نه ڪيو

news

داد لغاري )رپورٽ: اياز احمد پتافي) داد لغاري ويجھو ڪينجھر پتافي جي ڳوٺ جادو پتافي جو 15 سالن جو نوجوان اختر علي پتافي ولد اڪبر علي پتافي گذريل 16 ڏينھن کان گم، نوجوان جو اختر علي جو دماغي توازن صحيح نه ھجڻ سبب گھران نڪري ويو آھي.

جنھن کي 16 ڏينھن گذري ويا آھن پر ان جو ڪو ڏس پتو ناهي پيو، جنھن سبب نوجوان جا والدين سخت پريشان آھن.

گم ٿيل نوجوان جي وارثن دانهيندي چيوته نوجوان کي سورنھن ڏينھن گذري ويا آھن جيڪو گھران نڪري ويو آھي جنھن اجا تائين ڪو ڏس پتو پئجي نہ سگھيو آھي، جنھن سبب اسين سخت پريشان آھيون.

انھن جو چوڻ هو تہ داد لغاري پوليس کي بہ نوجوان جي گمشدگي اطلاع ڪيو آھي پر ان بہ ڪجھ نہ ڪيو آھي انھن وڌيڪ چيو تہ پوليس نوجوان جي ڳولا ۾ اسان جي مدد ڪري 

پٽ گم ھجڻ سبب گھروارا سخت پريشان آھيون، جيئن والدين کي پنھنجو وڇڙيل ٻچڙو ملي وڃي.