ايران ۽ افغانستان مان نوي هزار ماڻهن جي بلوچستان ۾ داخل ٿيڻ جو انڪشاف

news

ڪوئٽه: (اڱارو 31 مارچ 2020ع) بلوچستان ۾ 29 مارچ تائين ايران ۽ افغانستان مان 80 هزار 192 ماڻهن جي داخل ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

رپورٽ موجب 29 مارچ تائين ڪوئيٽه ايئرپورٽ تان 12 هزار 938 ماڻهن ۽ تربت ڪيچ ايئرپورٽ تان 174، تربت ريدگ پوائنٽ تان 218، گوادر گيڊ پوائنٽ تان 131، تفتان بارڊر تان 6 هزار 428 ماڻهو پاڪستان ۾ داخل ٿيا.

ٻئي طرف چمن بارڊر قلعه عبدالله مان 67 هزار 27، زوب بارڊر تان 413، پنج پائي بارڊر تان 2 هزار 266 جڏهن ته پشين بارڊر تان 155 ماڻهو بلوچستان ۾ داخل ٿيا آهن.

هن سمورن ماڻهن جو ڊيٽا حاصل ڪيو ويو آهي هي سمورا ماڻهو ايران ۽ افغانسان مان داخل ٿيا آهن ان سمورن ماڻهن جو ڊيٽا حاصل ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته حڪومت جو موقف آهي ته ايران مان ايندڙ مريضن سبب پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس پکڙجي ويو آهي.