مني لانڊرنگ ڪيس: نيب لاهور شهباز شريف کي طلب ڪري ورتو

news

لاهور: (اڱارو 31 مارچ 2020ع) قومي احتساب بيورو(نيب) هڪ دفعو ٻيهر مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف کي مني لانڊرنگ جي جاچ ۾ طلب ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب نيب لاهور شهباز شريف کي 17 اپريل جي طلبي جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته مسلم ليگ(ن) پاڪستان جي صدر شهباز شريف جي خلاف نيب ۾ مختلف جاچن جو سلسلو جاري آهي.

3 مهينا اڳ قومي احتساب بيورو(نيب) مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف جي خلاف نيب ۾ مختلف جاچن جو سلسلو جاري آهي. 3 مهينا اڳ قومي احتساب بيورو(نيب) مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف ۽ ٻين اڳواڻن جي خلاف جاچ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

چيئرمين نيب جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ايگزيڪٽو بورڊ جي ٿيندڙ اجلاس ۾ 6 ڪرپشن جا ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي هئي. نيب طرفان جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف جي خلاف ڪرپشن ڪيس  ۾ انڪوائري جي شروعات جو اعلان ڪيو ويو هو.

ياد رهي ته 5 آڪٽوبر تي نيب لاهور اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي صاف پاڻي اسڪينڊل جي حوالي سان بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي لاءِ طلب ڪيو هو. جنهن کان پوءِ کيس آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ۾ گرفتار ڪيو ويو.

ان حوالي سان قومي احتساب بيورو(نيب) طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير آشيانه هائوسنگ اسڪيم جو ڪانٽريڪٽ لطيف اينڊ سنز کان ملتوي ڪري ڪاسا ڊويلپرز کي ڏنو جنهن سبب قومي ناڻي کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو.

شهباز شريف مٿان اهو به الزام آهي ته هن پي ايل ڊي سي مٿان دٻاءُ وڌو ته آشيانه هائوسنگ اسڪيم جو تعميراتي ٺيڪو ايل ڊي اي کي ڏياريو پر ايل ڊي اي منصوبو مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو  جنهن سبب 71 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو.

ياد رهي ته آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ۾ شهباز شريف کان اڳ فواد حسن فواد، اڳوڻو ڊي جي ايل ڊي اي احمد چيمه، بلال قدواني، امتياز حيدر، شاهد شفيق، اسرار سعيد ۽ عارف بٽ کي نيب ساڳي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو.