ڪراچي جي ٻن وڏن فلاحي ادارن ايڌي ۽ ڇيپا پنهنجي سروس بحال ڪري ڇڏي

news

ڪراچي: (اڱارو 31 مارچ 2020ع)  ڪراچي ۾ ڪم ڪندڙ ٻن وڏن فلاحي ادارن ڪورنا وائرس کي نظر ۾ رکندي بند ڪيل غسل، ڪفن ۽ مرده خانه کولي ڇڏيا آهن.

ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه فيصل ايڌي موجب ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويندڙن کي به غسل ڏنو ويندو جنهن جي لاءِ غسل خانن کي کوليو ويو آهي. فيصل ايڌي چيو ته ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويندڙن جي وارثن طرفان آگاهه ڪيو ويندو ته غسل وارا حفاظتي انتظام به ڪري وٺنداسين.

هن ٻڌايو ته ڪورونا وائرس واري ميتن جي غسل لاءِ عملي کي خاص ٽريننگ ڏني پئي وڃي جنهن جي طريقي تي عمل ڪيو ويندو. ٻئي طرف رمضان ڇيپا جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس بابت ايمبولينس ڌار ڪئي وئي آهي. ڇيپا ايمبولينس ۾ ڪورونا ٽيم جوڙي وئي آهي ۽ اسٽاف کي ڌار ڪيو ويو آهي.

ايمبولينس جو عملو مڪمل حفاظتي قدمن سان گڏ ڪم ڪري رهيو آهي. هن ٻڌايو ته ڪورونا وائرس جي ميتن کي غسل جي لاءِ غسل خانن ۽ مرده خانن کي حفاظتي قدمن کان پوءِ کولي رهيا آهيون.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ايڌي ۽ ڇيپا ويلفيئر پنهنجا سمورا غسل، ڪفن ۽ مرده خانن کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪندي سمورن انتظامن کي فوري طور تي روڪي ڇڏيو هو ۽ عوام کي اپيل ڪئي هئي ته هو پنهنجي پيارن جي ميتن جي لاءِ اداري تي دٻاءُ نه وجهن ڇو ته هي قدم مجبوري تحت کنيو ويو آهي.