لاڪ ڊائون دوران شوبز جي فنڪارن جون سرگرميون

news

لاهور: (اڱارو 31 مارچ 2020ع) ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ لاڪ ڊائون سبب سمورن ماڻهن کي گهرن ۾ ئي رهڻ جو چيو ويو آهي جنهن کان پوءِ گهرن ۾ رهي هاڻ ماڻهن به دلچسپ سرگرمين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.

ڪورونا لاڪ ڊائون ۾ پاڪستان شوبز انڊسٽري جون ڪيتريون ئي شخصيتون پنهنجون دلچسپ سرگرميون پنهنجي چاهيندڙن سان شيئر ڪري رهيون آهن.

نيمل خاور ۽ حمزه علي عباسي:

سڀني جي پسنديده ترين جوڙي حمزه علي عباسي ۽ نيمل خاور طرفان به سوشل ميڊيا تي مداحن کي پنهنجي سرگرمين جي حوالي سان اپ ڊيٽ ڪيو پيو وڃي. نيمل پنهنجي انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هو حمزه علي عباسي سان گڏ پنهنجي ٽي وي جي لاءِ پاڻ ئي ميز تيار ڪري رهيا آهن. نيمل وڊيو جي ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته ٻنهي جي محنت کان پوءِ اسان پنهنجي ٽي وي جي لاءِ ميز تيار ڪري ورتي آهي.

صبور علي:

ڪورونا لاڪ ڊائون جي دوران گهرن م رهندي اداڪاره صبور علي پنهنجي بوريت ختم ڪرڻ جو حل ڳولي ورتو آهي. صبور علي به ڪورونا لاڪ ڊائون دوران پنهنجي فنڪارانه صلاحيت جو استعمال ڪري رهي آهي ۽ هن لاڪ ڊائون دوران ان سرگرمي کي پنهنجي چاهيندڙن سان شيئر به ڪيو آهي.

سيد جبران:

لاڪ ڊائون دوران اداڪار سيد جبران پنهنجي فٽنس جو خيال رکڻ سان گڏ پنهنجي ٻارن جي به فتنس جو خيال رکي رهيو آهي. اداڪار جي زال پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾  جبران پنهنجي پٽن سان گڏ ورزش ڪري رهيو آهي.

احسن خان:

اداڪار احسن خان طرفان به سوشل ميڊيا جي ذريعي مداحن کي اپ ڊيٽ ڪيو پيو وڃي. احسن خان انسٽاگرام تي پنهنجي ڌيءَ جي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن جي ڪيپشن ۾ هن ٻڌايو ته لاڪ ڊائون دوران مان پنهنجي ٻارن کي قرآن جا واقعا ٻڌائي رهيو آهيان.

ثروت گيلاني:

اداڪاره ثروت گيلاني لاڪ ڊائون دوران ٻارن کي آرٽ ورڪ سيکاري رهي آهي ۽ سوشل ميڊيا تي صارفين طرفان به سندن تمام گهڻي تعريف ڪئي پئي وڃي.

انسٽاگرام تي ثروت گيلاني ڪيتريون ئي وڊيو شيئر ڪيون آهن جنهن ۾ هو ٻارن جي لاءِ نيون ۽ دلچسپ سرگرميون ٻڌائي رهي آهي.