ڪورونا سبب ووهان شهر ۾ بند پيل شياومي جو هيڊ ڪوارٽر کوليو ويو

news

بيجنگ: (اڱارو 31 مارچ 2020ع)  ڪورونا وائرس جي مرڪز چين جو شهر ووهان ۾ هاڻ سموريون سرگرميون بحال ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن ۽ ان کي نظر ۾ رکندي مشهور ٽيڪنالاجي ڪمپني شياومي به ووهان ۾ ڪورونا وائرس سبب بند پيل هيڊ ڪوارٽر کولي ڇڏيو آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ان کان اڳ گذريل هفتي ايپل ڪمپني مين لينڊ ۾ پنهنجون ڪيتريون ئي ڪمپنيون ٻيهر کولي ڇڏيون آهن جنهن کان پوءِ هاڻ چيني ڪمپني شياومي طرفان اهو اعلان ڪيو ويو آهي ته اسان به ووهان ۾ پنهنجو بند هيڊ ڪوارٽر ٻيهر کولي ڇڏيو آهي.

چيني ڪمپني پنهنجي پروڊڪشن جي پهرين بيچ ۾ ڪورونا وائرس جي لاءِ حفاظتي سامان تيار ڪندي جنهن ۾ ماسڪ ۽ هينڊ سينيٽائزر وغيره شامل آهن. شياومي ڪمپني جو چوڻ آهي ته اسان جي پهرين ترجيح ملازمن جي صحت آهي ۽ ان حوالي سان ڪمپني سخت انتظام به ڪيا آهن.

جنهن ۾ ملازمن جي صحت جا 2 مختلف ٽيمپريچر چيڪ، ميل شيئرنگ سسٽم ۽ ٻيا حفاظتي قدم به کنيا ويا آهن.