سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب ستٽيهه هزار کان وڌيڪ فوتگيون، ست لک پنجاسي هزار متاثر

news

نيويارڪ: (اڱارو 31 مارچ 2020ع)  سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويندڙن جو انگ 37 هزار 815 ٿي ويو آهي. 7 لک 95 هزار 777 ماڻهو متاثر آهن.

اٽلي ۾ يارنهن هزار پنج سئو ايڪانوي ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. دنيا عالمي وبا جي وڪڙ ۾ آهي. آمريڪا ۾ ڪورونا سبب 3 هزار هڪ سئو پنجهٺ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. متاثرن جو انگ 1لک چوهٺ هزار ٻه سئو 53 آهي. نيويارڪ ۾ مرده خانن ۾ جڳهه ختم ٿيڻ تي اسپتالن جي ٻاهران ميتون رکڻ جي لاءِ ريفريجريٽڊ ٽرڪون بيهاريون ويون آهن. صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايندڙ ٻن هفتن ۾ وائرس جي وبا تيزي سان پکڙجي آهي.

ٻئي طرف آمريڪا ۾ نئين تيار ڪيل ٽيسٽ ڪٽ مان ڪورونا جو پنج منٽن ۾ ٽيسٽ ڪيو ويو. صدر ٽرمپ ايبٽ ليب جي هن نئين ٽيسٽ ڪٽ جي باڪس کي کوليو. اٽلي ۾ ڪورونا سبب 11 هزار 591 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. حڪومت لاڪ ڊائون ۾ 12 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي. ڪورونا سبب اسپين ۾ 7716 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

چين ۾ ڪورونا سبب فوت ٿي ويندڙن جو انگ 3305 ٿي ويو آهي. فرانس ۾ ڪورونا سبب 3 هزار 24، ايران ۾ 2 هزار 775، برطانيه ۾ 1408، ترڪي ۾ هڪ سئو اٺهٺ، ڪينيڊا ۾ 92 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. جاپان ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ آمريڪا، چين، ڏکڻ ڪوريا، برطانيه  سميت 73 ملڪن جي شهرين جي اچڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

ورلڊ بينڪ چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي عالمي وبا سبب اوڀر ايشيا سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ هن وقت تائين 2 ڪروڙ 40 لک ماڻهو غربت مان ڇوٽڪارو حاصل ناهن ڪري سگهيا.