ڪراچي ۾ پهريون ڊرائيو ٿرو ڪورونا ٽيسٽ سينٽر قائم

news

ڪراچي: ڪراچي شهر ۾ پهريون ڊرائيو ٿرو ڪورونا ٽيسٽ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جي ذريعي گاڏي ۾ ويٺي ويٺي ٽيسٽ ورتو ويندو.

رپورٽ موجب ڪراچي ۾ پهريون ڊرائيو ٿرو ڪورونا ٽيسٽ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي، ٽيسٽ سينٽر مڪاني ادارن واري کاتي ۽ صحت کاتي گڏيل طور تي قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جي ذريعي گاڏي ۾ ويٺي ويٺي ٽيسٽ ورتو ويندو.

مڪاني ادارن واري وزير ناصر حسين شاهه جو ڊرائيو ٿرو ڪورونا ٽيسٽ سينٽر جو دورو ڪيو ۽ ڊرائيو ٿرو سينٽر ۾ ڪورونا ٽيسٽ ڪرايو، جنهن جي رپورٽ منفي آئي.

ناصر حسين شاهه ٻڌايو ته ڊرائيو ٿرو ٽيسٽ سان ڊاڪٽرن ۽ ماڻهن ٻنهي جي حفاظت ٿيندي، ڊرائيو ٿرو ٽيسٽ سينٽر ۾ خصوصي ايڪسري مشين به لڳائي وئي آهي، ڊرائيو ٿرو ٽيسٽ جي لاءِ ڊي سي سائوٿ آفيس جي هيلپ لائن تي فون ڪري سگهجي ٿو. هيلپ لائن ٽيسٽ جي لاءِ وقت ۽ ڪوڊ فراهم ڪيو ويندو.