برطانيه جو شهزادو چارلس ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿي ويو

news

لنڊن: (اربع 01 اپريل 2020ع) سڄي دنيا ۾ پکڙجندڙ عالمي وبا ڪورونا وائرس مان متاثر ٿيندڙ برطانيه جو شهزادو چارلس صحتياب ٿي ويو آهي.

برطانوي خابرو اداري موجب ڪجهه ڏينهن اڳ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيندر 71 ساله برطانوي شهزادو چارلس هاڻ صحتياب ٿي چڪو آهي ۽ کيس آئسوليشن کان به ٻاهر اچڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.

شهزادي چارلس ۾ ڪورونا جون معمولي نشانيون سامهون اچڻ کان پوءِ کيس ڊاڪٽرن هڪ هفتي تائين آئسولسيشن  ۾ رهڻ جو چيو هو ۽ احتياطي تدبيرن تي لازمي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.

شاهي محل جي اختيارين به  خوشخبري ٻڌائي آهي ته شهزادي چارلس جي صحت هاڻ بهتر آهي پر حڪومتي پابندي  سبب ان جو محدود ٽائيم اڃان مڪمل ناهي ٿيو ان لاءِ هو هي هفتو به قرنطينه ۾ مڪمل ڪندو.

ڪليئرنس هائوس طرفان به شهزادي جي صحتيابي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته ان جي ڊاڪٽرن کيس ڪليئر قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

ياد رهي ته برطانوي وزيراعظم بورس جانسن به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا آهي. جڏهن ته وائرس سبب هسپانوي شهزادي  سميت ڪيتريون ئي عالمي شخصيتون فوت ٿي چڪيون آهن.