ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کان پوءِ مسلمان حج جون تياريون ملتوي ڪري ڇڏين

news

رياض: (اربع 01 اپريل 2020ع)  سعودي عرب جي حج ۽ عمري بابت وزير ڊاڪٽر محمد صالح بن طاهر بنتن ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ غير يقيني واري صورتحال سبب مسلمانن کي حج جون تياريون ملتوي ڪرڻ جو چيو آهي.

سعودي وزير ڊاڪٽر محمد صالح بن طاهر بنتن سرڪاري ٽي وي الااخباريه سان ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته سعودي عرب حج ۽ عمرو ڪندڙ زائرين جي خدمتن جي لاءِ پوري طرح تيار آهي ۽ سعودي حڪومت حج ۽ عمرو ڪندڙ پانڌيئڙن کي ڪنهن به وقت اچڻ جي اجازت ڏئي سگهي ٿي.

ڊاڪٽر محمد صالح بن طاهر بنتن چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب هلندڙ حالتن کي نظر ۾ رکندي سعودي حڪومت مسلمانن ۽ پنهنجي شهرين جي صحت ۽ تندرستي جي حوالي سان فڪرمند آهي.

ان لاءِ اسان سڄي دنيا ۾ پنهنجي مسلمان ڀائرن کي چئون ٿا ته صورتحال واضح ٿيڻ جو انتظار ڪن ۽ حج معاهدو نه ڪن. سعودي حڪومت پاڪستان سميت سمورن مسلمان مسلڪن جي حڪومتن کي حج معاهدو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. جڏهن ته هلندڙ سال جي شروعات ۾ عمري کي به  معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هن سال حج به ملتوي ٿيڻ جو امڪان آهي.

واضح رهي ته سعودي عرب ۾ ڪورونا وائرس سبب 1500 کان وڌيڪ ڪيس سامهون اچي چڪا آهن ۽ 10 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. حڪومت سڄي ملڪ ۾ لاڪ ڊائون ڪري ڇڏيو آهي ۽ سموريون پرڏيهي اڏامون به معطل ڪري ڇڏيون آهن. گذريل سال سڄي دنيا مان 25 لک حاجي سڳورن حج جا مقدس فرض ادا ڪرڻ لاءِ سعودي عرب جو سفر ڪيو هو.