لاڪ ڊائون: ماهره خان مداحن کي پنهنجو پسنديده شو ڏسڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

news

لاهور: (اربع 01 اپريل 2020ع) سڄي دنيا ۾ پکڙجندڙ خطرناڪ ڪورونا وائرس سبب ڪيترن ئي ملڪن ۾ لاڪ ڊائون آهي جنهن سبب ماڻهو گهرن ۾ رهڻ تي مجبور آهن، لاڪ ڊائون سبب گهر ۾ سٺو وقت گذارڻ لاءِ ڪو کاڌو ٺاهي رهيو آهي ته ڪو پنهنجي گهرن جي سٺي طريقي سان صفائي ڪري رهيو آهي.

جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو پنهنجو وقت سوشل ميڊيا ۽ نيٽ فليڪس جو استعمال ڪري به گذاري رهيا آهن. ان حوالي سان سپر اسٽار ماهره خان به پنهنجي مداحن کي سندس پسنديده شو(آنگن ٽيڙها) ڏسڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي. اداڪاره پنهنجي انسٽاگرام تي 1984ع جي مشهور ترين ڊرامي(آنگن ٽيڙها) جي هڪ مختصر ڪلپ شيئر ڪئي جنهن جي ڪيپشن ۾ هن پنهنجي  ڪجهه پراڻين يادن جو به ذڪر ڪيو آهي.

ماهره پنهنجي چاهيندڙن کي ٻڌايو ته جڏهن مان ڪاليج ۾ پڙهندي هئس ته ڪاليج ۾ واپس ايندي مان پاڻ سان گڏ ڪجهه شيون به آڻيندي هئس. جن مان هڪ آنگن ٽيڙها ڊرامي جي ڊي وي ڊي به هوندي هئي.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته هر آچر يا جڏهن به وقت ملندو هو ته مان آئس ڪريم وٺي پنهنجي صوفي تي ويهي ٽي وي شو ڏسندي هئس.