آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس سبب ٻه پاڪستاني فوت

news

نيويارڪ: (اربع 01 اپريل 2020ع) آمريڪي رياست نيويارڪ ۾ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 2 پاڪستاني فوت ٿي ويا.

رپورٽ موجب فوت ٿي ويندڙ سيد عطاءُالرحمان ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيو هو جنهن جو تعلق ڪراچي سان هو. ان کان علاوه ڪورونا سان جنگ وڙهندي پاڪستاني آمريڪي روحيل خان به نيويارڪ ۾ فوت ٿي ويو. رياست ٽيڪساس ۾ به هڪ پاڪستاني ڊاڪٽر ۽ تعميراتي شعبي سان تعلق رکندڙ شخص ۾ به ڪورونا جون نشانيون سامهون آيون آهن. هن ٻنهي جو تعلق به ڪراچي سان آهي.

واضح رهي ته آمريڪي رياست نيويارڪ ڪورونا وائرس سبب سڀني کان وڌيڪ متاثر آهي ۽ آمريڪا ۾ سڀني کان وڌيڪ فوتگيون اتان کان ئي سامهون آيون آهن. مريضن جو انگ وڌڻ کان پوءِ نيويارڪ جو سينٽرل پارڪ اسپتال ۾ تبديل ڪيو ويو آهي جتي ڪورونا جي مريضن جو علاج ڪيو ويندو.