وائي فائي جي سگنلز مان به چارجنگ ممڪن ٿي سگهي ٿي: تحقيق

news

واشنگٽن: (اربع 01 اپريل 2020ع)  ميساچيوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي انجنيئرن گريفين استعمال ڪندي هڪ اهڙو تجرباتي اوزار ايجاد ڪيو آهي جيڪو وائي فائي سگنلز جذب ڪري بجلي ٺاهي سگهي ٿو.

هي اوزار جنهن کي هنن في الحال (ٽيرا برٽز ريگني فائر) جو نالو ڏنو آهي مربع شڪل واري خوردبيني گريفين ٽڪڙن تي ٻڌل آهي جنهن جي هيٺيان بورورن نائٽرائيڊ جي پرت وڇائي وئي آهي.

وائي فائي سگنلز هن آلي مان بنا ڪنهن رڪاوٽ جي گذري اسمارٽ فون/اسمارٽ ڊيوائس جي اينٽينا تائين پهچندو آهي پر گذرڻ دوران ئي هن ٽيرابرٽز ريڪني فائر ۾ موجود گريفين جي اليڪٽونز ۾ پنهنجي توانائي جو ڪجهه حصو منتقل ڪري ويندا آهن جنهن سبب هو هڪ خاص سمت ۾ ڊائريڪٽ ڪرنٽ(ڊي سي) جي طور تي وهڻ لڳندا آهن.

اهوئي ڪرنٽ چارجنگ ۾ ڪم اچي سگهي ٿو. شروعاتي تجربن جي دوران خبر پئي آهي ته ٽيرا برٽز ريڪني فائر ۾ گريفين جيتري خالص هوندي. ان جي ڪارڪردگي به اوتري ئي بهتر هوندي.

هن آلي کي ايجاد ڪندڙ ماهرن خبردار ڪيو آهي ته اڃان هن جو مقصد صرف ۽ صرف هڪ تصور  کي عملي طور تي ثابت ڪرڻ آهي. ان لاءِ وائي فائي سگنلز سان ڪابه چارجنگ ڊيوائس مارڪيٽ ۾ ملڻ جي ڪابه اميد نه رکي وڃي.