ٺل لڳ بنگلاڻي ۽ مرھٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، عورت قتل، نينگر زخمي

news

ٺل: ٺل لڳ رستي جي ڳالھ تان بنگلاڻي ۽ مرھٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جھيڙي جي نتيجي ۾ عورت مارجي وئي، جڏھن تـ نينگر زخمي ٿي پيو,

ٺل لڳ باھو کوسو ٿاڻي جي حد ڳوٺ اعجاز حسين جکراڻي ۾ رستي جي ڳالھ تان بنگلاڻي ۽ مرھٽا برادري ۾ جھيڙو ٿي پيو جنھن بعد بنگلاڻي برادري جي ھٿياربندن حملو ڪري جديد ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا جنھن جي نتيجي ۾ ڳورھاري عورت 30 ورھين جي گل ناز مرھٽو گوليون لڳڻ سبب موقعي تي مارجي وئي.

فائرنگ جي نتيجي ۾ نينگر علي محمد مرھٽو زخمي ٿي پيو، واقعي بعد پوليس پھچي ڪري عورت جو لاش ۽ زخمي نينگر کي تعلقي اسپتال ٺل منتقل ڪيو.

باھو کوسو پوليس موجب بنگلاڻي ۽ مرھٽا برادري ۾ زميني ۽ رستي جي لنگھ تان تڪرار ھلندڙ آھي, جاچ ڪري ڪيس داخل ڪيو ويندو. پوليس موجب واقعي بعد جوابدار گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا آھن.