ڪورونا وائرس: آمريڪا ۾ ماسڪ جي کوٽ، ٽرمپ ماڻهن کي اسڪارف پائڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي

news

واشنگٽن: (اربع 01 اپريل 2020ع) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪورونا وائرس  جي پکيڙ کي نظر ۾ رکندي ماڻهن کي اسڪاف پائڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي آهي.

آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس تمام تيزي سان پکڙجي رهيو آهي ۽ آمريڪا جي سمورين 50 رياستن ۾ هينئر قدم رکي چڪو آهي جنهن سبب اتي فيس ماسڪس، سينيٽائيزر، وينٽي ليٽرز ۽ ٻين طبي اوزارن جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب اهڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ شهرين کي صلاح ڏني آهي ته هو جيڪڏهن چاهين ته وائرس کان بچڻ جي لاءِ اسڪارف به پائي سگهن ٿا.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اوهان ماسڪ خريد ڪري سگهو ٿا پر ڪيترن ئي ماڻهن وٽ اسڪارف هوندا جنهن ڪري اوهان ماسڪ جي جڳهه هاڻ اسڪارف کي به پائي سگهو ٿا. ٽرمپ آمريڪي شهرين کي اسڪارف پائڻ جو مشورو ڏيندي وڌيڪ چيو آهي ته ائين صرف ڪجهه وقت لاءِ ڪرڻو پوندو.

ياد رهي ته ان کان اڳ آمريڪي صحت کاتي جي ترجمان طرفان آمريڪين کي چيو ويو هو ته هو هن وقت فيس ماسڪ جو استعمال نه ڪن جيستائين هو بيمار نه ٿين پر هاڻ هو چئي رهيا آهن ته عوام ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ فيس ماسڪ پائين. ٻئي طرف آمريڪي فزيشن ۽ سفارتڪار ڊاڪٽر ڊيبوراهه برڪس جيڪو پاڻ مختلف رنگن جا اسڪارف پائڻ جي حوالي سان مشهور آهي ان جو چوڻ آهي ته هي فيصلو حتمي ناهي ان تي وڌيڪ غور ڪيو پيو وڃي.

ياد رهي ته آمريڪا ۾ هن وقت فوتين جو انگ چين کان به وڌي ويو آهي جتي  سڀني کان پهرين ڪورونا وائرس  سامهون آيو هو. آمريڪا ۾ گذريل ڏينهن 800 کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون هيون. جڏهن ته وڌيڪ فوتگين کان پوءِ اهو انگ 4 هزار کان به وڌي ويو آهي ۽ آمريڪا ۾ متاثر ماڻهن جو انگ به 1 لک 88 هزار کان وڌي ويو آهي. 

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب 2  لک ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي ۽ خبردار ڪيو آهي ته ايندڙ 2 هفتا آمريڪي شهرين جي لاءِ انتهائي تڪليف ڏيندڙ هوندا.  ياد رهي ته ڪورونا وائرس هينئر تائين دنيا جي 203 ملڪن تائين پکڙجي چڪو آهي جتي فوتين جو انگ 52 هزار 329 جڏهن ته متاثرن جو انگ 8 لک 59 هزار 400 ٿي ويو آهي.