سڄي سنڌ ۾ جمعي جي ڏينهن ٻارهين وڳي مڪمل لاڪ ڊائون جو فيصلو

news

ڪراچي: سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ روڪڻ لاءِ جمعي جي ڏينهن 12 وڳي کان 3 وڳي تائين مڪمل لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو آهي.

سنڌ حڪومت جي ترجمان موجب جمعي جي نماز جا اجتماعن کي محدود ڪرڻ جي فيصلي سان عالم متفق آهن.

هن چيو ته جمعي جي ڏينهن 12 وڳي کان 3 وڳي تائين مڪمل لاڪ ڊائون جو فيصلو سڄي صوبي لاءِ ڪيو ويو آهي، ان دوران ڪاروباري مرڪز به مڪمل بند رهندا.