چين ڪورونا سبب ٿيندڙ فوتگين جا انگ اکر دنيا کان لڪايا: آمريڪي ڪانگريس

news

واشنگٽن: (خميس 02 اپريل 2020ع) آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن الزام لاڳو ڪيو آهي ته چين هوبئي جي شهر ووهان ۾ ڪورونا وائرس سبب ٿيندڙ فوتگين جي باري ۾ عالمي برادري کي گمراهه ڪيو.

ڪورونا وائرس بابت آمريڪي انٽيليجنس جي دعويٰ تي آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن چين مٿان الزامن جي برسات شروع ڪري ڇڏي.

آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن چيو آهي ته چين ووهان شهر ۾ ٿيندڙ فوتگين جي انگ اکر جي باري ۾ عالمي برادري کي گمراهه ڪيو. ڪانگريس جي ميمبرن آمريڪي پرڏيهي وزارت کان مطالبو ڪيو آهي ته چين جي انگن اکرن ۽ ڄاڻ بابت جاچ ڪئي وڃي ۽ فوتگين جو صحيح انگ دنيا جي سامهون آندو وڃي. 

آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن وڌيڪ چيو ته چين ۾ ڪورونا وائرس بابت جن ڊاڪٽرن ۽ صحافين سچ ٻڌائڻ چاهيو انهن کي خاموش ڪرايو ويو. ياد رهي ته سڄي دنيا ۾ سڀني کان اڳ گذريل سال ڊسمبر ۾ چين ۾ ئي ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي هئي. جڏهن چين جي شهر ووهان ۾ ڪيسن ۾ تيزي سان اضافو ٿيڻ لڳو ته چين ووهان کي مڪمل طور تي لاڪ ڊائون ڪري ڇڏيو جنهن سبب اتي فوتين ۽ نون ڪيسن جي انگ ۾ گهٽتائي ٿي هئي.

چين ۾ هينئر تائين ڪورونا وائرس سبب 82 هزار جي ويجهو ڪيس ۽ 3 هزار 300 کان وڌيڪ فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن جڏهن ته آمريڪا ۾ ڪورونا جي ڪيسن جو انگ 2 لک کان مٿي ٿي ويو آهي ۽ اتي فوتگيون 5 هزار کان به وڌي ويون آهن.