سيالڪوٽ ۾ چوڏنهن هزار ماڻهن کي آئسوليٽ ڪيو ويو، گهر ٻاهران پوليس مقرر

news

سيالڪوٽ: (خميس 02 اپريل 2020ع)  سيالڪوٽ جي ضلعي انتظاميه ڪورونا وائيس جي پکيڙ واري خطري کي نظر ۾ رکندي 14 هزار ماڻهن کي سندن گهرن ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي.

ڊپٽي ڪمشنر سيالڪوٽ ناصر محمود بشير ٻڌايو ته پرڏيهه مان ايندڙ اڍائي هزار ماڻهن کي گهرن اندر قرنطينه قرار ڏنو ويو آهي ۽ ان ماڻهن جي وارثن جو انگ 14 هزار کان وڌيڪ آهي. قرنطينه ڪيل ماڻهن ۾ مرد، عورتون ۽ ٻار به شامل آهن.

926 گهرن ۾ 5146 ماڻهن ۽ 1028 مسافرن کي قرنطينه ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر موجب سيالڪوٽ جي ضلعي سمبڙيال ۾ 256 گهرن ۾ 2405 ماڻهن ۽ 329 مسافرن کي قرنطينه ڪيو ويو. ضلعي ڊسڪه ۾ 433 گهرن ۾ 3520 ماڻهن ۽ 516 مسافرن کي قرنطينه ڪيو ويو. ضلعي پسرور ۾ 505 گهرن ۾ 2959 ماڻهن ۽ 451 مسافرن کي قرنطينه ڪيو ويو.

ناصر محمود بشير موجب قرنطينه ڪيل ماڻهو اٽلي، آمريڪا، فرانس، اسپين، ڪويت، سعودي عرب، دبئي، ايران ۽ ٻين ملڪن مان آيا آهن ۽ انهن کي 20 ڏينهن جي قرنطينه ڪيو ويو آهي.

سمورن ماڻهن کي پي ڊي ايم اي، ايف آءِ اي، پوليس، پرائمري سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر ۽ لوڪل ذريعن نشاندهي ڪئي هئي. ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته سمورن گهرن جي ٻاهران سيڪيورٽي ۽ سول اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن ته جيئن هو ٻاهر نه نڪري سگهن.