پي آءِ اي فلائٽ آپريشن جزوي بحال ڪري ڇڏيو

news

ڪراچي: (خميس 02 اپريل 2020ع)  قومي ايئر لائين پي آءِ اي پرڏيهه ۾ پنهنجو فلائٽ آپريشن جزوي طور بحال ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب پي آءِ اي جون 2 خاص اڏامون ڪينيڊا جي شهر ٽورنٽو روانه ٿيون آهن. هي اڏامون ڪراچي ۽ لاهور مان گڏيل طور تي 600 مسافرن کي کڻي روانو ٿيون آهن. پر ٻئي اڏامون بنا مسافرن جي خالي پاڪستان واپس اينديون.

روانگي کان اڳ مسافرن جي اسڪريننگ ڪئي وئي ۽ ان جي سامان تي وائرس کان بچاءُ وارو اسپري به ڪيو ويو. پي آءِ اي پهرين مرحلي ۾ محدود انگ ۾ مسافرن کي واپس آڻيندي. ته جيئن ان جي اين آءِ ايڇ جي صلاحيت موجب بهتر ٽيسٽنگ ڪري سگهجي. ڪينيڊ ا۽ برطانيه جي لاءِ ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد مان اڏامون هلايون وينديون.

ٽورنٽو جي لاءِ فلائٽ آپريشن 3 اپريل جڏهن ته برطانيه جي لاءِ فلائٽ آپريشن 4 اپريل کان شروع ٿيندو. فلائٽ آپريشن بندش جي دوران متاثر مسافرن کي ترجيح ڏني ويندي. سموريون اڏامون واپس صرف اسلام آباد ائيرپورٽ تي لينڊ ڪنديون.

اسلام آباد ۾ سمورن مسافرن کي 6 ڪلاڪن جي لاءِ مقامي هوٽلن ۾ رکيو ويندو. جيڪي مسافر ڪليئر هوندا انهن کي گهرن ڏانهن موڪليو ويندو جڏهن ته متاثر مسافرن کي قرنطينه سينٽر منتقل ڪيو ويندو.