افغان حڪومت هن هفتي ۾ هڪ سئو طالبان قيدين کي آزاد ڪندي

news

ڪابل: (خميس 02 اپريل 2020ع) آمريڪا ۽ طالبان ۾ امن معاهدي کان پوءِ افغان حڪومت هن هفتي جي ختم ٿيڻ تائين 100 طالبان قيدين کي آزاد ڪندي.

طالبان ترجمان موجب هي فيصلو اڱاري جي ڏينهن افغانستان ۾ ڪورونا وائرس جي لاڪ ڊائون باوجود افغان حڪومت ۽ 3 رڪني طالبان وفد ۾ خاص ملاقات کان پوءِ ڪيو ويو.

خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب افغان حڪومت اهو فيصلو اعتماد سازي جي قدمن تحت ڪيو آهي. ٻئي طرف طالبان به پنهنجي قيد ۾ موجود افغان اهلڪارن کي آزاد ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي پر انگ ناهي ٻڌايو ويو.

واضح رهي ته 29 فيبروري 2020 جي ڏينهن قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ آمريڪا ۽ افغان طالبان جي نمائندن ۾ هڪ امن معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون هيون جنهن تحت آمريڪي فوج 14 مهينن ۾ افغانستان مان هلي ويندي ۽ طالبان ان جي محفوظ واپسي جي ذميواري کڻندا.

هن معاهدي جي هڪ شق اها به هئي ته افغان حڪومت جي قيد ۾ موجود تقريبن ڇهه هزار طالبان آزاد ڪيا ويندا. جڏهن ته ٻئي طرف طالبان به پنهنجي قيد ۾ افغانستان جي حڪومت جي اهلڪارن/فوجين/ قانون لاڳو  ڪندڙ ادارن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي آزاد ڪندي.