پي ايس ايل چيمپين جو فيصلو ميدان ۾ ئي ٿيندو: پي سي بي

news

ڪراچي: (خميس 02 اپريل 2020ع) پي ايس ايل 5 جي چيمپين جو فيصلو ميدان ۾ ئي ٿيندو. پي سي بي فرنچائزز تي واضح ڪري ڇڏيو.

ان حوالي سان نومبر، ڊسمبر ۾ زمبابوي سان سيريز جي موقعي تي ونڊو تلاش ڪئي ويند.ي پوائنٽس ٽيبل تي پهرين نمبر تي رهندڙ ملتان سلطان جو پليئنگ ڪنڊيشنز تحت پاڻ کي فاتح قرار ڏيڻ جو مطالبو قبول ناهي ڪيو ويو. پي سي بي مالي نقصان کان بچڻ لاءِ ايونٽ مڪمل ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن ٽيم جي مالڪن نمائندن سان ميٽنگ ۾ ٻڌايو ته جيڪڏهن 3 ڏينهن مليا ته اصل فارميٽ تحت پلي آف ٿيندا.

2 ڏينهن ملڻ جي صورت ۾ سيمي فائنلز ۽ فائنل وارا فارميٽ کيڏيا ويندا. انعامي رقم کي ڪورونا وائرس سان جنگ لاءِ عطيو ڪرڻ جي تجويز تي اتفاق ناهي ڪيو ويو. ڪجهه شرڪت ڪندڙن ان حوالي سان چيو ته پنهنجي پئسن کي فنڊن ۾ ڏيڻ يا پاڻ رکڻ رانديگرن جو استحقاق آهي.

ميٽنگ کان پوءِ اهو طئي ڪيو ويو ته ڳالهين جي تفصيل کان پي سي بي چيئرمين احسان ماني ۽ سي اي او وسيم خان کي آگاهه ڪيو ويندو جنهن کان پوءِ انهن کان راءِ وٺڻ کان پوءِ هڪ ٻئي ميٽنگ رکي ويندي. واضح رهي ته زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم کي نومبر، ڊسمبر ۾ 3 هڪ ڏينهن وارا ميچ ۽ اوترا ئي ٽي 20 ميچ کيڏڻ جي لاءِ پاڪستان جو دورو ڪرڻو آهي.