ڪورونا وائرس: پوليس واري مٿان کنگهڻ جي ڏوهه ۾ شهري کي ڇهه مهينا قيد جي سزا

news

لنڊن: (خميس 02 اپريل 2020ع)  ميٽرو پوليٽن پوليس موجب ڪانسٽيبل تي کنگهڻ جي ڏوهه ۾ هڪ شخص کي 6 مهينن لاءِ جيل موڪليو ويو آهي.

اختيارين جو چوڻ آهي ته 55 ساله ايڊم ليوس بيٺل پوليس اهلڪار ڪانسٽيبل کي ٻڌايو ته مون کي ڪورونا وائرس آهي ۽ مان توکي به متاثر ڪندس اهو چئي ايڊم  پوليس واري جي ويجهو اچي کنگهڻ شروع ڪري ڇڏيو. پوليس ٻڌايو ته جهيڙي جي دوران ڏوهاري ڌمڪي ته مان توکي چڪ هڻي وائرس تو ۾ منتقل ڪري ڇڏيندس.

چيف سپرنٽينڊنٽ بيلن بازپر ٻڌايو ته  هي غير معمولي واقعو آهي پر هي واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ هو ۽ جيڪڏهن پوليس وارن سان اهڙي قسم جو سلوڪ ڪيو ويو ته اسان جي لاءِ ان جو مناسب رد عمل ڏيڻ ضروري هوندو آهي.

بيلن بازپر چيو ته مون کي اميد آهي ته هن سزا سان مضبوط پيغام پهتو آهي ۽ هن قسم جو رويو هرگز برداشت نه ڪيو ويندو.