ڪورونا وائرس: چين ۾ ڪتي ۽ ٻلين جي گوشت تي پابندي لاڳو

news

بيجنگ: (خميس 02 اپريل 2020ع) ڪورونا وائرس کان پوءِ چين ۾ ڪتي ۽ ٻلي جو گوشت کائڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب چين ۾ ڪورونا وائرس جي وبا کان پوءِ ڪتي ۽ ٻلين جو گوشت کائڻ تي پابندي جو تاريخي قانون هڪ ڪروڙ 30 لک جي آبادي واري چين جي شهر شين زين ۾ پاس ڪيو ويو آهي جنهن تي پهرين مئي کان عمل ڪيو ويندو.

نئين قانون موجب ڪتي، ٻلين کان علاوه نانگ، ڏيڏر ۽ ڪُمين جي گوشت تي به پابندي لاڳو هوندي. ان فيصلي کي تاريخي فيصلو قرار ڏنو پيو وڃي.

واضح رهي ته ڪورونا وائرس جي وبا چين جي شهر ووهان مان پکڙڻ شروع ٿي هئي جنهن جي باري ۾ خيال ڪيو پيو وڃي ته شايد هي بيماري پالتو جانور جو گوشت کائڻ سان پکڙجي آهي.