اسرائيل جو صحت وارو وزير ۽ سندس گهر واري به ڪورونا وائرس جو شڪار

news

يروشلم: (خميس 02 اپريل 2020ع) اسرائيل جو صحت وارو وزير ۽ سندس گهر واري به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب اسرائيل جو صحت وارو وزير ۽ ان جي گهر واري جا ڪورونا وائرس جا ٽيسٽ مثبت آيا جنهن کان پوءِ 71 ساله اسرائيلي صحت وارو وزير ياڪولينزمن پنهنجي گهر ۾ ئي سرڪاري سرگرميون جاري رکندو.

اسرائيلي صحت واري وزير جن ماڻهن سان ملاقاتون ڪيون هيون ان جا به ٽيسٽ ڪيا پيا وڃن. واضح رهي ته سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي حملن ۾ تمام گهڻي تيزي اچي وئي آهي ۽ 9 لک 30 هزار 900 کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا مان متاثر ٿي چڪا آهن.

جڏهن ته سڄي دنيا ۾ فوتين جو انگ 47 هزار کان وڌي ويو آهي. ياد رهي ته اسرائيل ۾ ڪورونا وائرس سبب 31 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. جڏهن ته متاثر ماڻهن جو انگ 6 هزار کان وڌيڪ آهي.