ڪورونا وائرس: لاڪ ڊائون سبب پالتو جانور ۽ پکي به سخت متاثر

news

لاهور: (خميس 02 اپريل 2020ع) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ رهڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

ڪورونا سبب لاڪ ڊائون پالتو جانورن ۽ پکين کي به سخت متاثر ڪيو آهي. ڪاروبار واري زندگي معطل ٿيڻ سبب شهري گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.  لاڪ ڊائون سبب دڪانون بند هجڻ سبب شهرين کي گهرن ۾ پاليل پکين جي خوراڪ خريد ڪرڻ ۾ به پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

لاڪ ڊائون دوران ٽولنٽن مارڪيٽ ٽريڊرز ايسوسيئيشن جي درخواست تي فيڊ جي وڪري لاءِ دڪانون کولڻ جي اجازت ته ڏني وئي آهي پر صرف 2 ڪلاڪن جي لاءِ.  جنهن سبب دڪانن تي رش لڳڻ سبب سماجي فاصلو ۽ ٻين احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ ممڪن نه ٿي ٿي سگهيو ۽ نه ئي شهري  گهٽ وقت ۾ پکين جي خوراڪ خريد ڪري سگهن ٿا.

ڪمشنر لاهور طرفان  پکين جون دوڪانون ٻنپهرن جو 2 وڳي کان 4 وڳي تائين کولڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. ان دوران پکين جي وڪري ۽ خريد ڪرڻ تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.