سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس سان پهرين تازي ڄاول ٻار جي فوتگي سامهون اچي وئي

news

واشنگٽن: سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس سان پهرين تازي ڄاول ٻار جي فوتگي سامهون آئي آهي، جيڪا آمريڪا مان رپورٽ ٿي آهي.

آمريڪي رياست ڪنيڪٽي ڪٽ جي گورنر ٽوئٽ ذريعي تصديق ڪئي آهي ته 6 هفتا اڳ پيدا ٿيندڙ ٻار ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويو آهي. جيڪا هن وقت تائين دنيا ۾ ڪورونا وائرس سان گهٽ ڄمار ۾ ٿيندڙ پهرين فوتگي آهي.

هن ٻڌايو ته ٻار جو تعلق هارٽ فورڊ سان هو، جيڪو گذريل هفتي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال آندو ويو هو.

ڪنيڪٽي ڪٽ جي گورنر جو چوڻ هو ته گذريل رات نئين ڄاول ٻار کي ڪووڊ-19 جا نتيجا مثبت آيا، جيڪا هڪ دل ڏهڪائيندر ڳالهه هئي، اسان جو مڃڻ هو ته اهو هن وقت تائين وائرس سان سڀ کان گهٽ ڄمار واري فوتگي آهي.