لاهور: نوڪري مان ڪڍڻ تي مڇريل ماڻهن جو سروسز اسپتال تي حملو

news

لاهور: سروسز اسپتال ۾ ڪجهه ماڻهن ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ جي آفيس تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪري ڏني.

اسپتال انتظاميا موجب سروسز اسپتال جي ايم ايس 2 گوسڙو ملازم ڀائرن کي نوڪري مان ڪڍيو هو، جنهن ۾ هڪ ڀاءُ وڪيل ۽ ٻيو ڊاڪٽر جي گهر ڪم ڪندو هو، ٻئي ملازم ڪيترن ئي مهينن کان ڳريون پگهارون وصول ڪري رهيا هئا.

انتظاميا ٻڌايو ته نوڪري مان ڪڍڻ تي ملازمن ايم ايس کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ ڪجهه ماڻهن اسپتال تي حملو ڪيو، مڇريل ماڻهن اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه به ڪئي ۽ ايم ايس ڊاڪٽر افتخار کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي.

اسپتال جي عملي فوري طور ايم ايس کي حملو ڪندڙن کان بچائي ورتو.