پسنديده شيءَ آڻي ڏيڻ تي سجل علي جو سس سان محبت جو اظهار

news

ڪراچي: (خميس 02 اپريل 2020ع) تازو ئي زندگي جي نئين سفر جي شروعات ڪندڙ جوڙي اداڪاره سجل علي ۽ احد رضا مير به ٻين ماڻهن جيان گهرن تائين محدود آهن.

گهر تي رهي نئين زندگي جو تجربو حاصل ڪندڙ سجل علي انسٽا اسٽوريز ۾ پنهنجي سس طرفان ڏنل ڪينڊيز شيئر ڪندي خوشي جو اظهار ڪيو. سجل علي تصوير شيئر ڪندي لکيو آهي ته(جڏهن ماما منهنجون پسنديده ڪينڊيز آڻي ڏنيون، لو يو ماما)   سجل ۽ احد جي والده جو رشتو روايتي ناهي هن جوڙي جي مڱڻي کان اڳ به احد جي والده ثمر رضا مير سوشل ميڊيا تي سجل لاءِ پنهنجي گهري پسنديدگي جو اظهار ڪندي رهي آهي.

شادي کان اڳ سجل ثمر رضا مير کي ڀاڪر پائيندي ڪڍرايل تصوير جي ڪيپشن ۾ لکيو هو ته حقيقت ۾ هڪ اهڙي سس جو ملي وڃڻ جيڪا اوهان کي  پنهنجي ماءُ جيان ڏسندي هجي. ڪنهن وڏي خوشي کان گهٽ ناهي. ياد رهي ته سجل علي جي ماءُ  2017 ۾ فوت ٿي وئي هئي.

سجل بالي ووڊ ڊيبيو فلم)مام) جي شوٽنگ  لاءِ اداڪار عدنان صديقي ۽ بالي ووڊ اداڪاره سري ديوي سان گڏ سوئٽزرلينڊ ۾ هئي جڏهن کيس پنهنجي ماءُ جي اوچتي فوتگي جي خبر ملي. ياد رهي ته سجل ۽ احد جي شادي 14 مارچ تي ابوظهبي جي خوبصورت ضيانورائي ٻيٽ تي ٿي هئي جنهن ۾ صرف فيملي جي ماڻهن ۽ شوبز  مان سجل جي ڪجهه ويجهن دوستن شرڪت ڪئي هئي.