ٻه لک اسي هزار کان وڌيڪ نوجوان ٽائيگر فورس جو حصو بڻجي چڪا آهن: عثمان ڊار

news

اسلام آباد: وزيراعظم جي خاص معاون نوجوان عثمان ڊار چيو آهي ته ايستائين 2 لک 80 هزار کان وڌيڪ نوجوان ٽائيگر فورس جو حصو بڻجي چڪا آهن.

هن اها ڳالهه وزيراعظم سان ملاقات جي دوران ڪئي، جنهن ۾ ڪورونا رليف ٽائيگر فورس جي جوڙجڪ ۽ رجسٽريشن بابت صلاح مشورو ڪيو ويو.

ان دوران عثمان ڊار رجسٽريشن جي مرحلي ۽ تازن انگن اکرن تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته 24 ڪلاڪن دوران رجسٽر نوجوان جو انگ 3 لک جي ويجهو پهچي ويو آهي.

هن ٻڌايو ته سڄي ملڪ ۾ ساڍن 6 هزار عورتن به پنهنجو پاڻ کي رجسٽر ڪرايو آهي.

ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان نوجوانن طرفان زبردست ردعمل تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نوجوانن مان ان قسم جي جذبي جي اميد هئي.

هن جو چوڻ هو ته نوجوان ملڪ جو اثاثو آهن، جيڪي اسان کي ڪنهن به سطح تي مايوس نه ڪندا.