چوهڙ جمالي لڳ موٽرسائيڪل ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي پيءُ پٽ زخمي

news

چوهڙ جمالي: لاڏيون گرڊ اسٽيشن ڀرسان موٽرسائيڪل ڦر جي ڪوشش مزاحمت تي موٽرسائيڪل سوار پيءُ پٽ زخمي، ناڪابندي دوران اهلڪار جي پڻ ٽنگ ٽٽي پئي، علائقي جي ناڪابندي سخت ڪئي وئي.

چوهڙ جمالي کان گهار واهه ڳوٺ ويندڙ موٽرسائيڪل سوار پيءُ پٽ علي مانڌريو ۽ اشرف مانڌريو کي لاڏيون ٿاڻي جي حد گرڊ اسٽيشن ويجهو درن وارو ڪن وٽ نامعلوم ڦورن روڪي موٽرسائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر ڪئي ۽ مزاحمت تي کين تشدد ڪري کين رتورت ڪري ڇڏيو. 

ان دوران اطلاع تي ايس ايڇ او لاڏيون عنايت چانڊيو جي اڳواڻي ۾ پوليس فوري طور ناڪابندي ڪندي ڦورن جو پيڇو ڪيو، ان دوران ڦورو موٽرسائيڪل ڇڏي فرار ٿي ويا جڏهن ته ڦورن جي پيڇي دوران اونداھ سبب واٽر تان ٽپو ڏيڻ دوران هڪ اهلڪار محمد عيدن جتوئي جي ٽنگ ٽٽي پئي کيس رورل هيلٿ سينٽر چوهڙجمالي مان فرسٽ ايڊ بعد کيس تعلقه سجاول نيو ويو، جڏهن ته موٽرسائيڪل سوار زخمين کي پڻ تعلقه اسپتال سجاول اماڻيو ويو.

ان بابت ايس ايڇ او عنايت چانڊيو جو چوڻ هو ايمرجنسي صور تحال سبب گشت تي هئاسين ڦر جي اطلاع تي ناڪابندي ڪئي ته هڪ تيز رفتار موٽر سائيڪل کي بيهڻ جو اشارو ڪيو نه بيهڻ تي پيڇو ڪيو، جنهن سبب موٽرسائيڪل سوار فرار ٿي ويو ۽ ڦرجي ويل موٽر سائيڪل برآمد ڪري تحويل ۾ ورتو آهي.

هڪ اهلڪار عيدن جتوئي به ٽنگ ٽٽڻ جي ڪري زخمي ٿي پيو آهي، کيس اسپتال اماڻيو ويو آهي ۽ پوري علائقي ۾ ناڪابندي ڪئي ويئي آهي جوابدارن کي هرگز بخش نه ڪنداسين.