پاڪستان ۾ ڊالر جي قدر ۾ اضافي جو سلسلو جاري

news

ڪراچي: ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب معاشي سرگرميون ماٺاڻ پئجي ويون آهن، جڏهن ته ڊالر جي قدر ۾ لڳاتار اضافي جو سلسلو جاري آهي.

انٽر بئنڪ ۾ روپئي جي بيقدري جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ هڪ ڊالر وڌيڪ 17 پئسا اضافي کانپوءِ 167 رپين جو ٿي ويو آهي.

ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت رجحان جاري آهي ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ۾ وبا 1270 پوائنٽس جو اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي.