بدين ۾ اڻڄاتل چور دڪان جا تالا ٽوڙي روڪ رقم ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا

news

بدين: نامعلوم چور دڪان جا تالا ٽوڙي هزارين رپين جي چوري ڪري ويا. پوليس ڪيس داخل نه ڪيو.

رپورٽ موجب پنهور پاڙي ۾ مين شاهه برهان روڊ شاهه تي نامعلوم چور محمد اڪرم خاصخيلي جي ريزڪي دڪان جا تالا ٽوڙي دڪان مان هڪ ايل سي ڊي ٽي وي، روڪ رقم ۽ هزارين رپين جو سامان چوري ڪري ويا.

ان ڏس ۾ دڪاندار اڪرم خاصخيلي جو چوڻ هو صبح جو سوير هن جڏهن دڪان کوليو ته کيس دڪان مان چوري ٿي وڃڻ جي خبر پئي، جنهن بعد هن فورن اهڙي رپورٽ سٽي ٿاڻي تي ڪئي پر اتي ڪوبه عملدار موجود نه هو.