ڪراچي(جمعو 03 اپريل 2020ع) سنڌ حڪومت آمريڪي صحافي ڊينيل پرل قتل ڪيس ۾ آزادي ماڻيندڙ ٽنهي جوابدارن کي 3 مهينن جي لاءِ گرفتار ڪري ورتو آهي.
سنڌ جي گهرو وزارت طرفان ڊينيل پرل ڪيس ۾ آزادي ماڻيندڙ جوابدارن کي ايم پي او 1850 سيڪشن 3(1) جي تحت 3 مهينن جي گرفتاري جا حڪم جاري ڪيا هئا.
حڪومت طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب جوابدارن کي امن ۾ رنڊڪ وجهڻ جي آرڊيننس تحت گرفتار ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.
سنڌ جي گهرو وزارت موجب جوابدارن جي آزادي سان امن امان ۾ خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ آمريڪي صحافي ڊينيل پرل قتل ڪيس ۾ جوابدارن فهد نسيم احمد، سيد سلمان ثاقب ۽ شيخ محمد عادل کي آزاد ڪرڻ جڏهن ته احمد عمر شيخ جي موت واري سزا 7 سال قيد ۾ تبديل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا.